ڀانئِين جي سنڌي معنيٰ
چاھين، گهُرين، سمجهين يا خواھش رکين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May desire, or to be
ڀانئِين جا بيتن ۾ حوالا
وَڳَرَ وِچائِين، بازَ جهوري ڪُونجَهڙِي،
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين گهارِ،
جَنِي سَندِيءَ واڙِ، چورُ نَہ اَچي ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 17 ]
جَنِي سَندِيءَ واڙِ، چورُ نَہ اَچي ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 17 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ رَھُ سَنگهارَنِ سيڙِھي،
جَنِي جي ڪِيري، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 18 ]
جَنِي جي ڪِيري، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 18 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ پاڙي،
جَنِي جي واڙي، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 16 ]
جَنِي جي واڙي، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 16 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ ڪَنھِن کي نَہ سَلان،
وَھَنِ اَکِيُون وِرڄي ھِنيُون، وِچِ رَھَندِي ڪِيئَن.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 19 ]
وَھَنِ اَکِيُون وِرڄي ھِنيُون، وِچِ رَھَندِي ڪِيئَن.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 19 ]
عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]
لامَئُون لَڏي ھَلِئا، جوڳِي مان جايُنِ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ چُوَنِ،
مَنجا مَھرا مَڙِهيُون، ڀاڻُ ڪِئو ڀانئِين،
وَالقَدرِ خَيْرَہ وَشَرِہ مِنَ اللہِ تَعاْليٰ ، اِنهين اُھڃاڻَن،
سامِيَڙا سَنڪَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 28 ]

مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا،
اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ،
سا مُون ھَٿان نَہ ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 13 ]