ٿورو جي سنڌي معنيٰ
احسان، مھرباني، مروت، ڀلائي، ٿورائتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Obligation, debt of gratitude, favor, kindness.
ٿورو جا بيتن ۾ حوالا
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو ٿورو سَڄَڻين،
تو جيھِي ٽيڙِي، دَرِ ٻاروچي ڪيترِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 9 ]
تو جيھِي ٽيڙِي، دَرِ ٻاروچي ڪيترِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 9 ]
جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ،
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،
اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون،
ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون،
”لالَڻَ ڪونَہ لَھُون، جِھَڙو تو جَھانَ ۾“.
[ سُر پورب، ڪانگ، 31 ]
اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون،
ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون،
”لالَڻَ ڪونَہ لَھُون، جِھَڙو تو جَھانَ ۾“.
[ سُر پورب، ڪانگ، 31 ]
اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران،
پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران،
ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 7 ]
پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران،
ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 7 ]
English Meaning
Obligation, debt of gratitude, favor, kindness.