ٿورا جي سنڌي معنيٰ
گهٽ. اڻ پورا. ناڪافي، ڪجهہ. ذرا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Small, a little, few, short, seldom, a short time or distance
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ٿورا جا بيتن ۾ حوالا
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا،
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا،
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ،
جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 7 ]
جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 7 ]
مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا،
کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 27 ]
کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 27 ]
ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جٖي ڪِئا،
عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 9 ]
عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 9 ]
ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ،
ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ،
سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 7 ]
ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ،
سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 7 ]
اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ،
ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامِ،
پاڻُ وِڃائي پانھِنجا، ٿورا ٿُڪَ ھَنيامِ،
بَندَگِي اَفگنَدَگِي شَرمِندَگِي، اِھا ميڙ مُڪِيامِ،
پِرِين تَبِ پَرچِئامِ، آئُون جَبِ اُٺَ گَئِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 9 ]