پَردا جي سنڌي معنيٰ
پوشَ، ڍَڪَ، ڪنھن شيءِ کي ڍڪڻ يا لِڪائڻ جا ڪپڙا وغيرہ. نقاب، گهونگهٽ، اوٽ، آڏ، دروازي جي اڳيان ڏنل آڏَ، جيئن ٻاهران گهر ۾ نظر نہ پئجي سگهي. ڏيڍِيون، پَڙويلا، کَلون، دروازي تي ٽنگيل پالَ، ناٽڪ جا پردو، برقعا، پرهيزون، پناھون، بچاءَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Covers, sheaths, protections, screens, veils, curtains, preventives, shelters, skins, dermis, epidermis.
پَردا جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون،
نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 9 ]
نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 9 ]
English Meaning
Covers, sheaths, protections, screens, veils, curtains, preventives, shelters, skins, dermis, epidermis.