پيشِ جي سنڌي معنيٰ
اڳيان، سامهون، آڏو. روبرو، حاضر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In front, in presence.
پيشِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي،
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ،
اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 19 ]
اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 19 ]
پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي،
حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي،
نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 10 ]
حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي،
نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 10 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ،
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 23 ]
English Meaning
In front, in presence.