ٽي جي سنڌي معنيٰ
هڪ عدد، ٻن کان مٿيون انگ، ٻه واڌو هڪ (3)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Three.
ٽي جا بيتن ۾ حوالا
رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا،
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]
وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]

رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا،
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا،
عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ،
مارُوئَنِئُون نِڪِرِي، ٻَہ ٽي ٿَوڪَ ٿِئا،
عُمَرَ مَنڊِئا مامِرا، مارُو ٿَرِ ٿِئا.
[ سُر مارئي، وايون، 10 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا،
عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ،
مارُوئَنِئُون نِڪِرِي، ٻَہ ٽي ٿَوڪَ ٿِئا،
عُمَرَ مَنڊِئا مامِرا، مارُو ٿَرِ ٿِئا.
[ سُر مارئي، وايون، 10 ]
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا،
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
three (adj., n.)
"1 more than two; the number which is one more than two; a symbol representing this number;" Old English þreo, fem. and neuter (masc. þri, þrie), from Proto-Germanic *thrijiz (source also of Old Saxon thria, Old Frisian thre, Middle Dutch and Dutch drie, Old High German dri, German drei, Old Norse þrir, Danish tre), from nominative plural of PIE root *trei- "three" (source also of Sanskrit trayas, Avestan thri, Greek treis, Latin tres, Lithuanian trys, Old Church Slavonic trye, Irish and Welsh tri "three").
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Three.