ٽِيھَ جي سنڌي معنيٰ
ڳڻپ جو ھڪ انگ، ٽي ڏھ. 30.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thirty.
ٽِيھَ جا بيتن ۾ حوالا
کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ،
پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ،
تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ، جَڏھِن راھَ سُڃاڻين رَبَ جِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 13 ]