ويڙھو جي سنڌي معنيٰ
چوطرف لوڙهي جي اندر آيل ايراضي، پاڙو، محلو، ڪُٽنب، خاندان. حويليءَ جو اڱڻ. جاءِ ، مڪان، ماڳ، چوڌاري ڏنل ويڙهو، واڙ، لوڙهو، واڙو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A division or quarter of a town, a scroll, a roll, or thing rolled up a clew of thread. An enclosure. A boat’s rope for working the sail with.
ويڙھو جا بيتن ۾ حوالا
آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾،
ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ،
آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 18 ]
ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ،
آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 18 ]
ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]