نِماڻِيءَ جي سنڌي معنيٰ
نھٺيءَ، اڀمانيءَ، نراھڪاريءَ، غريب، مسڪين، حياءَ واريءَ، مايوس، نا اميد ٿيل، ويڳاڻي، غمگين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who does not make a show or is little regarded by others, humble, lowly.
نِماڻِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]

ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو،
مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تا ڪا گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذُورِ کي اَئِين مَ چارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِئو،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهايو.
[ سُر ديسي، وايون، 4 ]

شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ،
نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ،
ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
ساجُهرِ وَقتِ صُبوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي واويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 6 ]

سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا،
اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 2 ]

نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو،
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]

آئُون ٿِي چَڙَھان چوٽِيين، وَرَڻُ ھوءِ نَہ ھوءِ،
پاڙيچِي پَرِ توءِ، نِماڻِيءَ جو نِجِهرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 18 ]

سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،
پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 31 ]

ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]

مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 15 ]

ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين،
نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو،
مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو،
آڱُرِ لائي اَنڌِيُون، نيئِي وَسِينءَ ۾ وِجَهندو،
مَھِندِ ٿِيندو مُصطَفيٰ، پُٺِيءَ لوڪُ لَنگهِيندو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 3 ]