مُؤمِنين جي سنڌي معنيٰ
ايمان وارا، ايمداندار، ايمان آڻيندڙ، سچا مسلمان، مسلمان. دين تي پڪا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Devout, faithfuls.
مُؤمِنين جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو.
مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،
اُتي مَلِيرَ ڄائِيُون، سَڀَ نَوازي نِيندو،
والِي ٿِي واڳَ جو، هِئائِين هَلَندو
ڪوٺي ڪوثَرَ ڪَنڌِيين، پاڻِي پِيارِيندو.
[ سُر مارئي، وايون، 15 ]