مَڱي جي سنڌي معنيٰ
گهُري، پِني، آکي، طلبي، سوال ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beg, ask, asking for.
مَڱي جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ،
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ،
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
English Meaning
Beg, ask, asking for.