مَوجَ جي سنڌي معنيٰ
لَھر، درياھ جي ڦوھَ، تِرنگ، ڇَل، ڇولي. طبيعت جي خوشي، ولولو. جذبات جو اُڀار، اُمنگ، اُچنگ، جوش، جذبو. لھرو. پور، ريچڪ، بُدڪي، وهم، خيال، سوداءُ. مستي. خوشي، زور. مزو، رهسو، وندڙ، عيش، آرام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wave. Whim, caprice.
مَوجَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ،
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي نَہ گَهٽَ،
جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 20 ]
جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 20 ]
مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ،
مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 11 ]
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ،
مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 11 ]
English Meaning
A wave. Whim, caprice.