مَعافُ جي سنڌي معنيٰ
عَفُوَ ڪيل، بخش ڪيل، معافي ڏنل، مَرهيل. بي ڏوھو ٺھرايل، بَري، ڇَڏيل، ڇُٽل، اَجو، آزاد. درگذر ڪيل. رخصت ڏنل، مامور ٿيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Absolved, excepted, forgiven, pardoned, excused.
مَعافُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ،
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو،
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو،
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو،
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
کِکِي ھَڏِ نَہ کاءِ، ڇِڇي ھَڏِ نَہ ڇُهي،
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ،
سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون مَعافُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 5 ]
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ،
سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون مَعافُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 5 ]
ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري،
ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،
تَن کي سَمي سَهڄَ ڪَري، مَڃَرُ سَڀَ مَعافُ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 18 ]
ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،
تَن کي سَمي سَهڄَ ڪَري، مَڃَرُ سَڀَ مَعافُ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 18 ]
تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ،
لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ،
ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،
مَڃَرُ مَلاحَنِ، مِڙيوئِي مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 20 ]
لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ،
ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،
مَڃَرُ مَلاحَنِ، مِڙيوئِي مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 20 ]
کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو،
لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ،
ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ،
مَلِيرُ مِڙيوئِي مَعافُ، عُمَرَ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 27 ]