مَدو جي سنڌي معنيٰ
بُرو، ڪِنو، لڱُو، مَدو، بَدُ. مَداين سان ڀريل، مَٺَ گهُرو، ڏُڄڻ، ويري، دشمن، بدخواھ، خراب بڇڙو،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bad, enemy, foe.
مَدو جا بيتن ۾ حوالا
جَکِرا تُون جِيَين، تُنھِنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻيان،
اَکِيُنِ ۽ ھِنيَين، ٻِنِهي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 2 ]
اَکِيُنِ ۽ ھِنيَين، ٻِنِهي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 2 ]
جَکِرا جِيين شالَ، تُنھِنجو ڪَنين مَدو نَہ سُڻِيان،
جَنھِن تو اَچي ڪالَهہ، آزارِئا آجا ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 3 ]
جَنھِن تو اَچي ڪالَهہ، آزارِئا آجا ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 3 ]
ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو،
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
English Meaning
Bad, enemy, foe.