ماڳِ جي سنڌي معنيٰ
رستي، گَس، دَڳ، سَڙڪ، لنگهہ، مارڳ، مارگ. رهڻ جي هنڌ، جاءِ، جڳهہ، هنڌ، مڪان، آستان، گهَر، رهائش، اِسٿاڻي، مُقام، جُوءِ. منزل گاھ، ٽيڪ، اڏو، ٺِڪاڻي. وطن، ملڪ، ديس. گام، ڳوٺ، شھر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place, residence, station.
ماڳِ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ،
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي بانَ،
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري،
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي،
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي،
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 14 ]
رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]
ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو،
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي،
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ،
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ،
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]
English Meaning
Place, residence, station.