ماڳَ جي سنڌي معنيٰ
رهڻ جا هنڌ، جايون، جڳھون، هنڌ، مڪان، آستانَ، گهَرَ، رهائشون، اِسٿاڻا، مُقامَ، جُوئيون. منزل گاھون، ٽيڪ، اڏا، ٺِڪاڻا. وطن، ملڪ، ديس. گام، ڳوٺ، شھر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Places, residences, stations.
ماڳَ جا بيتن ۾ حوالا
جِتِ کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻا،
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا،
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجهاڳَ،
مَنجِهہ ڀَرِئائيِن ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 8 ]
مَنجِهہ ڀَرِئائيِن ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 8 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ،
سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 19 ]
سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ،
سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 19 ]
راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ،
ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي سيڻانِ،
وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِنيُون، ڪِرِڪِئو لَيءِ ڪيڻانِ،
موٽِئو ماڳَ نِھارِيين، ڪِھَڙي مُنھِن ڪيڻانِ،
ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا، مُون ڀانيو سيڻانِ،
مَچُ پَسِي ڪِيئَن موٽِيئَن، سَڙِيئَن نَہ سيڻانِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 3 ]

آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪا پَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ جٖي ڪَٽائِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ماڳَ نَہ مَٽائِينِ،
جٖي خُودِيءَ کي کائِينِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 5 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ماڳَ نَہ مَٽائِينِ،
جٖي خُودِيءَ کي کائِينِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 5 ]
مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ،
پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.
[ سُر پورب، وايون، 11 ]
پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.
[ سُر پورب، وايون، 11 ]
English Meaning
Places, residences, stations.