ماٽي جي سنڌي معنيٰ
مَٽُ، شراب يا ڪنھن ٻي پاڻياٺ رکڻ جو ھڪ وڏو ٿانءُ، ٺڪر جو ويڪرو پَر سوڙهي منھن سان ٿانءُ، کير ڄمائڻ ۽ جهَڻُ جهڳڻ جو ٿانءُ، چاڏِي. اٽي وغيرہ رکڻ لاءِ يا درياءَ ۾ مڇيءَ مارڻ لاءِ مھاڻن جو پيٽ هيٺان ڏيئي ترڻ جو وڏو ٺِڪر يا ٽامي جو ڪنو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A large earthen vessel on which pulla fisherman float in fishing. A small earthen vessel for keeping flour, wine etc in.
ماٽي جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]