لِيلائي جي سنڌي معنيٰ
منٿون ڪندي، آزيون ڪندي، نيزاريون ڪندي، ايلاز ڪندي، جانا ڀريندي، عاجزي ڪندي، وينتي ڪندي، هٿ جوڙ ڪندي، مَڱيندي، پاند پائيندي، عرض ڪندي، ليلڙائيندي، ڳچيءَ ۾ پَلؤ پائيندي. دانھون ڪندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To entreat, beseech, solicit, implore, supplicate-
لِيلائي جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانِهي راندِ،
مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 20 ]
مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 20 ]
پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي،
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي،
سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 21 ]
جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ پُڻ لِيلائيجِ،
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 9 ]
English Meaning
To entreat, beseech, solicit, implore, supplicate-