لوڪُ جي سنڌي معنيٰ
ماڻهو، آدم ذات، انسان، انسانذات، خلق، جھان، دنيا، سنسار، مُلڪ، ڏيھ، ديس، زمانو، جڳُ، ڪائنات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Human, being, mankind, men, world, country
لوڪُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]

لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي،
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]

لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ نَہ چَڱا چوءِ،
پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 18 ]

جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،
ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾ پُٺِيءَ لالَڻَ لَڳُ،
آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 20 ]

ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ،
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]

ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسِنگَ مُورِ نَہ پُڄِڻان،
عادَتَ عَنبرَ جيسِي، ساڌَنُ لوڪُ سَندونِ،
جيڏو ٻرُ ڏِبونِ، تيڏو سَهدَلَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 21 ]

آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]