قُوتَ جي سنڌي معنيٰ
کاڄ، کاڌو، خوراڪ، طعام، غذا، چوڳ، چوڳو، خورش، روزي، رزق، کاڌو پيتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Food, diet, nutrition, nutrient, victuals, subsistence, fead.
قُوتَ جا بيتن ۾ حوالا
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 1 ]
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 1 ]
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 2 ]
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 2 ]
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ،
وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 3 ]
وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 3 ]
ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ،
ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ،
ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ جِي سامَ پَرَتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 15 ]