قَرابَتَ جي سنڌي معنيٰ
ويجهي ٿيڻ جي حالت، ويجهڙائي، ويجهائي، نزديڪي، رشتيداري، مائٽي، عزازت. لاڳاپو، ناتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kinship, relationship, kindred, affinity, nearness, vicinity.
قَرابَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن،
ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا ڪِيئَن،
ذاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 19 ]

قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون،
لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون،
فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ حَدِيدٌ ، اِيَھِين اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي،
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 21 ]

ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي، آھي سُڌِ سَڀَنِ،
ھُوندَ نَہ ھِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 18 ]