سِپَ جي سنڌي معنيٰ
دريائي يا سامونڊي جانور جو هڪ قسم. سچن موتين جو کوپو، سِپي. سُتئڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An oyster shell. Mother of pearl.
سِپَ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ،
ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ،
ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 3 ]
ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ،
ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 3 ]
سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي ڪِينَ مُھاءُ،
ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 27 ]
ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 27 ]
English Meaning
An oyster shell. Mother of pearl.