سِپَرَ جي سنڌي معنيٰ
ڍالَ، کيڙي. ڍَڪُ، پردو، پوش پناھ، روڪ، بچاءُ، آڙ، جهل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A shield. Any protection for coming harms.
سِپَرَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]

جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]