سِينگارَ جي سنڌي معنيٰ
سونھن کي وڌائڻ جو ساٺُ، ڪپڙو لَٽو، ڳَھ ڳَٺو، آراستگي، تيل ڦُليل، سِينڌ سُرمو، ويس وَڳو، ٺاھ ٺُوھ، جهڳ مڳ، زرق برق، رَڄا ڌڄا، زيب و زينت، سَجاوَٽ، ٺھوڙَ، شان شوڪت، ٺاٺ، تجمل، صفائي. پيار ڀوڳ. ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڇَلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Decoration, adornment, magnificence, an ornament. A kind of pigeon with a ring round its neck.
سِينگارَ جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]

چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ،
پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ،
جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ دوسِتَ جو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 19 ]

چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،
ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 7 ]

وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ،
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]

ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]

سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]

مَرِجِ وَٽِ ميھارَ، مَتان موٽين سُهڻِي،
ساھَڙَ جا سِينگارَ، مَتان ڏَمَ ڏيکارِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 26 ]

سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]

ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي،
ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 5 ]

سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]