سُورَنِ جي سنڌي معنيٰ
تڪليفن، دردن، ايزائن، ڏُکن، پيڙائن، رنجن. جاکوڙن، ڪشالن، ڪشتن. افسوسن، ارمانن، غمن، المن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pains, aches, gaony, hurting.
سُورَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سُورائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي،
سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 9 ]
سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 9 ]
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي،
پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاهَ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
مَتان وِھو ويسَلِيُون، رِڙِھو تان رَسو،
ساءُ نَہ آيان سُورَ جو، ھاڻي ٿِيُون ھَسو،
مُندائتي مِينھَن جِيئَن، ويروتارَ وَسو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 9 ]

ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏاري،
پييائِي پُنُوھَ ڏي، نِرمَلَ نِھاري،
لالَڻَ جِي لَطِيفُ چئَي، سُونھَنِ سُتِيائي ساري،
پِريتَڻو پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 2 ]

ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو، سُورَنِ لَڌَڙِيَم سارُون،
مائِٽَنِئُون گَهڻا ڪِئا، ڪُسَنَ مُون سين ڪارُون.
[ سُر آبڙي، وايون، 7 ]
مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو، سُورَنِ لَڌَڙِيَم سارُون،
مائِٽَنِئُون گَهڻا ڪِئا، ڪُسَنَ مُون سين ڪارُون.
[ سُر آبڙي، وايون، 7 ]
پَسو پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،
پُراڀا پَنھِنجَنِ، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 26 ]
پُراڀا پَنھِنجَنِ، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 26 ]
اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو،
وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي،
لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورَنِ سين، پَھچَندِينءَ پَچِي،
مَنجهان راھَ رَچِي، ٿِينديِنءَ لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 8 ]