سُرَھا جي سنڌي معنيٰ
خوشبودار، سُڳَنڌ، سڳنڌيا. وڻندڙ. سٺا. پختا. اَثر وارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fragrant, sweet smelling odorous, odoriferous, prosperous any thing not person. Good, pleasing, whose obsequies have been fully performed.
سُرَھا جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]

اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ،
تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ،
آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي پائُرِ ڏِنَئِي پيرَ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُجهي مُون ھِنيُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 9 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]