سَرَھائِي جي سنڌي معنيٰ
خوشي، راحت، جَشَنُ، مؤجَ. لطف، فرحت، لذت، مزو. ڀوڳ بُلاسُ. وندر. ذؤق. تازگي. چڱڀلائي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Happiness, gladness, gaiety, pleasure.
سَرَھائِي جا بيتن ۾ حوالا
وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي،
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 16 ]
سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا نَہ سُئِي،
ڏِھاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،
آئُون ھَڏِ نَہ ڄائِي، تَہ عَيبُ نَہ لَڳو اوٺِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 8 ]
ڏِھاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،
آئُون ھَڏِ نَہ ڄائِي، تَہ عَيبُ نَہ لَڳو اوٺِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 8 ]
English Meaning
Happiness, gladness, gaiety, pleasure.