سَڌَ جي سنڌي معنيٰ
اِڇا، آس، آشا، خواهش، ذوق، چاھ، دِل، مرضي، تمنا، آرزو، منشا. دل جي مراد، مقصد، سڌائڻ، سڌ ڪرڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Desire, wish, inclination, liking.
سَڌَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
ھِڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اَڌَ،
اِيءَ تان شاعِرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 1 ]
اِيءَ تان شاعِرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 1 ]
English Meaning
Desire, wish, inclination, liking.