سُڌِ جي سنڌي معنيٰ
خبر، علم، معلومات، آگاھي، ڄاڻ، ڪَلَ. سَمَڪَ، پروڙَ. سمجهہ، اِدراڪُ، سُرت. خبرچار، سماچار، ڳالهہ، واءُ ساءُ، حقيقت، واقفيت، احوالُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Knowing, information, news, feeling, intution, know how
سُڌِ جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجَهاڻَنِ اُونداھِ،
جَنِ اَندَرِ ٻَرِي باھِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 26 ]
جَنِ اَندَرِ ٻَرِي باھِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 26 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون،
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏيِنِ، سَسُئِي پُڇُ مَ سي،
مَتان تَوِھِين کي، واٽان وِرسائِينِ ڪِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 6 ]
مَتان تَوِھِين کي، واٽان وِرسائِينِ ڪِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 6 ]
English Meaning
Knowing, information, news, feeling, intution, know how