سَنگِ جي سنڌي معنيٰ
گڏ، ساٿ ۾، لڳ لاڳاپي ساڻ، باھم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Along with, with, in companionship.
سَنگِ جا بيتن ۾ حوالا
جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ،
سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 3 ]
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ،
سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 3 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري رَنگِ،
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]