سَنگُ جي سنڌي معنيٰ
سنگت، صحبت، دوستي، ياراني. گاڏيپو، لاڳاپو، ناتو، ملاوت، رِلملائي، گڏجاڻي، همراهي، ميل، ميلاپ. محبت، پيار، ڀائپائي، شراڪت، پنگت، ساٿ. جماعت، سٿ، مَنڊِلي، مجلس، سڀا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Companionship, society, company, fellowship. A body of pilgrims. A head of gram, ear of corn. A cone shaped or paramedical lump of sugar candy. Computation.
سَنگُ جا بيتن ۾ حوالا
نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ،
اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 14 ]