سَردارَ جي سنڌي معنيٰ
وڏيرا، امير، دِڳيدار، سَروَر، صدر، پانڊپ، راڄ ڌڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Head men, chieftain, chiefs.
سَردارَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان،
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 5 ]

جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]

ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]

جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾،
ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،
عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 2 ]

سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَہ پاڙِيان،
آھي مِثلِ مِينھَن جي، سَخِي تُنھِنجِي سارَ،
حاتِمَ ھَڙدَه ھَزارَ، جُهڙَ تُنھِنجي جَهپِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 5 ]

سَرَڻِنِ جي سُکَ لاءِ، سانگِ کَنئِي سَردارَ،
جٖي اَبِڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نَہ ڏِيندِيُون سُومَرِيُون.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 13 ]