سيڪِڙُو جي سنڌي معنيٰ
سڪندڙ. سڪايل. طالبو، خواهان، سڌائتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Needy, one who wants, needful.
سيڪِڙُو جا بيتن ۾ حوالا
اَڱَڻِ آيَمِ پيھِي، يااللهَ! مُون سارِيندي سُپِرِين،
مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي،
ساھُ جَنِي جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي سين ريھِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 8 ]
مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي،
ساھُ جَنِي جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي سين ريھِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 8 ]
پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو،
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ،
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ،
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ،
سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 9 ]
سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 9 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
English Meaning
Needy, one who wants, needful.