سانڍِ جي سنڌي معنيٰ
سنڀالَ ڪر، کڻ، تاتَيس. پرورش ڪر، پر گهور لھ، پرچار ڪر، پرداخت. رکيا، بچاءُ ڪر، حِفاظت. ۾ وٺ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hand over, to guard, protect, preserve.
سانڍِ جا بيتن ۾ حوالا
تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان،
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]
English Meaning
Hand over, to guard, protect, preserve.