سانڍِڻُ جي سنڌي معنيٰ
بچائڻ، سنڀالڻ، سنڀال لھڻ، تاتڻ. رکڻ، ڌرڻ. پچائڻ، حفاظت سان رکڻ، خبرداري ڪرڻ. رکي ڇڏڻ. لڪائڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To take care of, watch, keep, nourish, cherish.
سانڍِڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ،
مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،
ڪَئين قاصِدَ ڪيچِ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
سَدا سُپَيرِيَن جا، سانڍِڻُ سُورَ پيامِ،
ھوتَ ھَلَندِي جي ڪِئا، نَہ سي سَڏَ سُئامِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِياڻِي اِيندامِ.
[ سُر حسيني، وايون، 11 ]

ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ سانڍِڻُ سُٿِرا،
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
English Meaning
To take care of, watch, keep, nourish, cherish.