زورُ جي سنڌي معنيٰ
ٻل، طاقت، قوت، توانائي، سگهہ، همٿ، جرئت، شڪتي، تيج، سَت، ڏاڍائي، مضبوطي، توفيق، سگهت، سامرٿي. غلبو، زيادتي، ڪثرت، افراط، ازحد، نھايت. ظلم، ستم، سختي، غضب، زبردستي. اختيار، حڪم، حڪومت. ڪوشش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Strength, force, violence, compulsion.
زورُ جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

پَرِيندي پاڻُ وِئو، زُلفَ زورُ ڏِنومِ،
ڪاڪُلُ ڪالَهہ ڏِٺومِ، رُخساريتي رُوپَ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 3 ]
ڪاڪُلُ ڪالَهہ ڏِٺومِ، رُخساريتي رُوپَ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 3 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ،
بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 2 ]
بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 2 ]
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 22 ]
لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي مائٽين،
اَبو ڏاڏو پانھِنجو، مَٿان چَنيسَرَ گهورِ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ڪِينَ ھَلَندو ڪانڌَ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 7 ]
اَبو ڏاڏو پانھِنجو، مَٿان چَنيسَرَ گهورِ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ڪِينَ ھَلَندو ڪانڌَ سين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 7 ]
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا،
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
English Meaning
Strength, force, violence, compulsion.