ديکِئو جي سنڌي معنيٰ
ڏٺو، (ڏسڻ جي حالت) دِيدَ ۾ آندو، نظر آيو، ڏيکيو. (تکيءَ نظر سان ڏسڻ جي حالت) گهُوريو. جُوھ پائي ڏٺو، جهوُتيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Looking intensely.
ديکِئو جا بيتن ۾ حوالا
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو،
شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ،
مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 16 ]
شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ،
مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 16 ]
جَنِي ديکِئو دِلِ سين، پُٺِيءَ سي پييُون،
تَہ پُڻ ٿي وييُون، جي پُنهونءَ پاڻُ لِڪايو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 17 ]
تَہ پُڻ ٿي وييُون، جي پُنهونءَ پاڻُ لِڪايو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 17 ]
ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 9 ]
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 9 ]
بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ،
سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ ديکِئو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 8 ]
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ،
سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ ديکِئو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 8 ]
English Meaning
Looking intensely.