جِھَڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
جَھِڙيون، جِيان، وانگي، ھُوبَھُو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Such as, in such manner as, according as, like, resembling.
جِھَڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين،
ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ سُڻايان دِلِ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 25 ]
ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ سُڻايان دِلِ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 25 ]
اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون،
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين،
اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 14 ]
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين،
اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 14 ]
جَنِ جا ٿاڪَ ٿَرَنِ ۾، سَدائِين آهِينِ،
خاصا کَٿا اُنِ کي، ڌَٻَرَ اُو ڌارِيَنِ،
ڳالِهڙِيُون ڳارِينِ، سِتَمَ جِھَڙِيُون سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 12 ]
خاصا کَٿا اُنِ کي، ڌَٻَرَ اُو ڌارِيَنِ،
ڳالِهڙِيُون ڳارِينِ، سِتَمَ جِھَڙِيُون سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 12 ]
English Meaning
Such as, in such manner as, according as, like, resembling.