جُهلَ جي سنڌي معنيٰ
سينگار لاءِ گهوڙي يا اٺ جي پٺيءَ تي وجهڻ جو هڪ ڪپڙو جو هيٺ تي لڙڪندو آهي. بالاپوش، ڀَرتُ ڀريلُ رنگين ٽُڪريُنِ سان ڪپڙو جو گهوڙي يا اُٺ، ڍڳي وغيرہ تي پٺي ڍڪڻ خاطر وجهجي. ڍَڪُ ڪپڙي جو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Covering, coverlet, saddlecloth.
جُهلَ جا بيتن ۾ حوالا
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ،
تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ،
ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 1 ]
تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ،
ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 1 ]
English Meaning
Covering, coverlet, saddlecloth.