تيلاھَن جي سنڌي معنيٰ
تنھن صورت ۾، تيئن تہ، ڇو تہ، تِيئن. تنھن کان، تنھن مان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In that case, that's why, like that.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تيلاھَن جا بيتن ۾ حوالا
سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي،
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ،
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 8 ]
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 8 ]
يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا،
پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا،
جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون نِينھَن جا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 25 ]
پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا،
جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون نِينھَن جا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 25 ]
English Meaning
In that case, that's why, like that.