اُنِ جي سنڌي معنيٰ
اُنهنِ، تَنِ، اُنهِينُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Them, for those, those.
اُنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ،
اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا،
کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جوھَرَ ڪَنِ جَڙاءَ،
لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙاءُ،
جَنِ پِيتو ڪاڪِ تَڙان، سي لوڍِي لاکِيڻا ٿِئا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 13 ]

عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون،
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ وِجهان واتَ،
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
English Meaning
Them, for those, those.