اَنڌو جي سنڌي معنيٰ
جيڪو اکين کان نہ ڏسي سگهي، نابين، اکين وڏو، اکين سڄو، ڪور چشم، بي ديد. ناشناس، بيحياءُ، بيشرم. بي خيال، بيپرواھ. مست، چُور نشي ۾. مغرور. جاهل. گمراھ، ڀُليل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blind, complete dark.
اَنڌو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي،
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]

لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي،
اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي،
عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي ڪاھي،
لُڻِي وِجُهہ لاھي، مَٿو مَجُوسِيءَ جو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 1 ]
اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي،
عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي ڪاھي،
لُڻِي وِجُهہ لاھي، مَٿو مَجُوسِيءَ جو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 1 ]
ڪانءُ ڪوھُ پَرُوڙي، ڪِ پَڙِهئا گَڏَھَ ڪِتابا،
اَنڌو آھِيڙِئا، مَرُ دَخُلُ ڪَري دانگِيءَ ۾.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 17 ]
اَنڌو آھِيڙِئا، مَرُ دَخُلُ ڪَري دانگِيءَ ۾.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 17 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
early 15c., "shadow, darkness, shade," from Old French ombrage "shade, shadow," from noun use of Latin umbraticum "of or pertaining to shade; being in retirement," neuter of umbraticus "of or pertaining to shade," from umbra "shade, shadow," from PIE root *andho- "blind; dark" (source also of Sanskrit andha-, Avestan anda- "blind, dark").
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Blind, complete dark.