اَڳي جي سنڌي معنيٰ
اڳ ۾، اول، پھريائين. هن کان اڳ، مھند. آئندہ. ازل کان، اول کان، اصل کان. اڳي ئي، پھريائين. اڳتي، اڳڀرو. گذريل وقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In front, before, further on, in advance, formerly, forward, onward.
اَڳي جا بيتن ۾ حوالا
مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نَہ ماتُ،
ھُوندا سي حَياتُ، جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 10 ]

جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ جُڳُ سي جِيَنِ،
موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 11 ]

جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي،
اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 5 ]

جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي، تَہ تُون تَندُ مَ تاڻِ،
اَڳي اِنَ اُھڃاڻِ سالِمُ تَندُ سَڄِي ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 31 ]

جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو،
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]

واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]

جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]

صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]

ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]

سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]