اَڱَڻَ جي سنڌي معنيٰ
اَڳر، آڳنڌ. گهر جا احاطا. آڳيل، پڌَر. صحن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The court yard in front of a house, a yard.
اَڱَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين،
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِينھَن ڏِٺاءِ،
ڪُنجُون جٖي ڪُلفَنِ جُون، تان ڪَنھِن لَلِ لِڪاءِ،
سُڀاڻي سَندِياءِ، ھُوندَ ٿِي سارُوڻِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 9 ]
ڪُنجُون جٖي ڪُلفَنِ جُون، تان ڪَنھِن لَلِ لِڪاءِ،
سُڀاڻي سَندِياءِ، ھُوندَ ٿِي سارُوڻِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 9 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينھَن،
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ،
چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،
تَہ ھوتُ تُنھِنجو ھِيئَن، پُنهون نِيائُون نَہ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 10 ]
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ،
چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،
تَہ ھوتُ تُنھِنجو ھِيئَن، پُنهون نِيائُون نَہ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 10 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي توڏا،
وَنگِيَئِي نَہ وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا،
لَڪَنِ جا لوڏا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 11 ]
وَنگِيَئِي نَہ وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا،
لَڪَنِ جا لوڏا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 11 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن اوڳِي ڏِٺَئِي اُٺَ،
ڏانيُئِي نَہ ڏاگهَنِ کي، اورِي ساڻُ اَڳَٺَ،
ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 12 ]
ڏانيُئِي نَہ ڏاگهَنِ کي، اورِي ساڻُ اَڳَٺَ،
ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 12 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ،
اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَئِين اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 8 ]
اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي،
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
English Meaning
The court yard in front of a house, a yard.