اَرِواحَنِ جي سنڌي معنيٰ
روحن، آتمائن، سنڌيءَ ۾ ارواح واحد صيغي ۾ استعمال ٿيندو آھي. ھتي ارواح جو جمع ٻول آھي يعني رُوحن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spirits, souls.
اَرِواحَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن،
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
English Meaning
Spirits, souls.
اَرِواحَنِ ٻول جا زمرا