آھيسِ جي سنڌي معنيٰ
ھُن کي آھي، ان کي آھي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
It has, she has, he has.
آھيسِ جا بيتن ۾ حوالا
دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ،
آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 3 ]
آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 3 ]
ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي سَڱَ جو،
جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 20 ]
جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 20 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ،
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
English Meaning
It has, she has, he has.