ڪُنَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ جو چڪر. دريا جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونهو ھنڌ يا کوھ، درياءَ يا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو اونهو ھنڌ، جتي پاڻي چڪر کائي، نڪونج ، ميڙ، ڀير، گرداب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Vortex
ڪُنَ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

لَهِريُنِ ليکو ناھِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
وِيرِ وَرَندِيَئِي ويسَرا، اُٿِي توھُ طَلَبِ،
سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 3 ]
سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 3 ]
ڪالَهہ وَڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَھازَ،
تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 4 ]
تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 4 ]
آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 5 ]
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 5 ]
بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
English Meaning
Vortex