ٿا جي سنڌي معنيٰ
زمان حال ۾ مذڪر لاءِ، جمع طور استعمال ٿيندڙ فعل معاون (جھڙوڪ ڪريون ٿا، ڪن ٿا، کائون ٿا، ڊڪن ٿا وغيرہ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will, would be
ٿا جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 1 ]
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 1 ]
توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 2 ]
ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 2 ]
ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي، آھي سُڌِ سَڀَنِ،
ھُوندَ نَہ ھِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 18 ]
پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي، آھي سُڌِ سَڀَنِ،
ھُوندَ نَہ ھِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 18 ]
بُرو بِگِيرَدِ بي، ٿا ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾،
مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي،
مارِيندا مُون کي، پُنهون نِيندا پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 7 ]
مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي،
مارِيندا مُون کي، پُنهون نِيندا پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 7 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاھِين،
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]
ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاھَرا،
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
English Meaning
Will, would be