سَمُنڊَ جي سنڌي معنيٰ
ساگَر، سمُونڊ، ٻار، بحر، درياءَ اعظم، سائِر، کارو. اٿاھُ پاڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sea, ocean
سَمُنڊَ جا بيتن ۾ حوالا
سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي،
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ،
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا،
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا،
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو،
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]
کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين،
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
English Meaning
Sea, ocean
سَمُنڊَ ٻول جا زمرا