آسِرو جي سنڌي معنيٰ
آڌار، ڀروسو، ٽيڪ، سھارو، ڏَڍُ. اميد، آس. دلاسو. اعتماد. اجهو ، پناھ، وسيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hope, shelter, defense, protection, means of defense, asylum, a prop.
آسِرو جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين،
تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 17 ]
تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 17 ]
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي،
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين،
مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا،
دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،
ساري سُپِرِين کي، رَھبَرِ رَتُ رُنائِين،
دامَنِ تيڏِيءَ چَنگُلُ ميڏا، روزَ قِيامَتَ تائِين،
پِيرُ اَسانڏا حضرتُ مِيران، جُمِلي دِي آسَ پُڄائِين،
جيڏاھَن عالَمَ آسِرو، مُون پُڻ آھِ اوڏاھِين.
[ سُر سھڻي، وايون، 6 ]

حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري،
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي،
ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃا آسِرو آھي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 18 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]